پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت افغانستان پاڪستان کان گاڏين جي پرزن ۽ سگريٽ کانسواءِ هر شيءَ درآمد ڪري سگهي ٿو: سينيٽ کي آگاهي

پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت افغانستان پاڪستان کان گاڏين جي پرزن ۽ سگريٽ کانسواءِ هر شيءَ درآمد ڪري سگهي ٿو: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت افغانستان پاڪستان کان گاڏين جي پرزن ۽ سگريٽ کانسواءِ هر شيءَ درآمد ڪري سگهي ٿو، ٽرانزٽ ٽريڊ ايران منتقل ٿيڻ جو تاثر صحيح نه آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر عثمان ڪاڪڙ، مظفر حسين شاهه ۽ سينيٽر نزهت صادق جي سوالن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير ايوان کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي آخري ٽن سالن ۾ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت واپار ۾ گهٽتائي ٿي، پر 15 -2014ع دوران ٽرانزٽ ٽريڊ تحت 2 ارب 55 ڪروڙ ڊالر جون شيون پاڪستان کان درآمد ڪيون ويون جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. جيڪو اڳوڻي حڪومت جي آخري سال هڪ ارب 39 ڪروڙ ڊالر هو، هن چيو ته ڇاڪاڻ جو ٽرانزٽ ٽريڊ جو تعلق افغان گلوبل روانگي واپار کي ڪراچي پورٽ کان طورخم تائين مدد فراهم ڪرڻ لاءِ آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 13:35