پاڪستان ڪرغزستان سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان ڪرغزستان سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪرغزستان سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ڪرغزستان جي اقتصادي معاملن واري وزير ۽ پاڪستان ڪرغزستان جوائنٽ وزارتي ڪميشن جي شريڪ چيئرمين جوشيوارزيبڪ اورزوبوڪووچ جي سربراهي ۾ هڪ وفد سان ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام ڪرغزستان سان لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ڪاسا 1000 جو منصوبو تمام اهم آهي ۽ اهو منصوبو توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان توانائي، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان چاهي ٿو ته پوري خطي جا ملڪ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ۽ ان جي لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي. پاڪستان ڏکڻ ايشيا، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن ۾ رابطن جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان وچ ايشيائي ملڪ ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ واپاري شعبن ۾ اضافو ڪري غربت جي خاتمي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان اقتصادي لحاظ کان بهتري طرف گامزن آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي معاشي پاليسين تحت کنيل قدمن کي ساراهي رهيا آهن، خطي ۾ باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ٿي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته ايشيائي ملڪ واپار جي ڪاٿي کي وڌ کان وڌ وڌائين ان سان گڏيل رابطن ۾ اضافو ٿيندو ۽ اقتصادي حالت به بهتر ٿيندي. صدر اميد جو اظهار ڪيو ته ڪرغزستان يورو ايشين اڪنامڪ يونين جي ميمبرشپ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪندو. صدر پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي اعليٰ سطحي دورن تي زور ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اي پي پي/ع – ک 19:40