سينيٽ پاران سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

سينيٽ پاران سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن مرحوم جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي خدمتن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفرالحق ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن به سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:50