وزيراعظم پاران سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جيڪو ڪالهه اربع ڏينهن ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جي عدليه ۽ قانون جي عملداري جي ميدان ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي هڪ سچو ۽ ديانتدار جج هو جنهن اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ۽ انصاف جي فراهمي ۾ غيرجانبدار رهيو. وزيراعظم چيو ته جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي جو غيرجمهوري عنصرن خلاف مزاحمت جي حوالي سان ڪردار ۽ ان ڏس ۾ قربانيون بي مثال آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 18:49