ڪوئيٽا کان قلات کي ملندڙ 87 سيڪڙو گئس چوري ٿي رهي آهي: وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي

ڪوئيٽا کان قلات کي ملندڙ 87 سيڪڙو گئس چوري ٿي رهي آهي: وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪوئيٽا کان قلات کي ملندڙ 87 سيڪڙو گئس چوري ٿي رهي آهي، جيستائين گئس چوري جو مسئلو حل نه ٿيندو پائيپ لائين وڇائڻ ۽ گئس جي فراهمي وڌائڻ جو ڪو فائدو نه آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر اشوڪ ڪمار، عثمان ڪاڪڙ ۽ امير ڪبير جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته گرمين جي موسم ۾ قلات جي گئس جي گهرج هڪ ايم ايم سي ايف ڊي ۽ سردي جي موسم ۾ ٽي ايم ايم سي ايف ڊي هوندي آهي، هن وقت ڪوئيٽا کان 12 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي پر قلات تائين رڳو 2 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پهچي رهي آهي ۽ جنهن علائقي مان به گئس پائيپ لائين گذري ٿي ان مان چوري ڪئي پئي وڃي، نومبر ۾ 162 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي وئي جنهن مان ميٽرز ذريعي رڳو 20 هزار مڪعب فوٽ گئس فراهم ٿي ۽ اهڙي طرح 87 سيڪڙو گئس چوري ڪئي وئي. هن چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني پنهنجي طور تي اهو مسئلو حل نه ٿي ڪري سگهي، ان لاءِ سياسي قيادت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:29