گذريل ٽن سالن دوران مختلف ملڪن مان 2 لک 66 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي: سينيٽ کي آگاهي

گذريل ٽن سالن دوران مختلف ملڪن مان 2 لک 66 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران مختلف ملڪن مان 2 لک 66 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر جهانزيب جمالديني، چوڌري تنوير خان جي سوال جي جواب ۾ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير بليغ الرحمان ايوان کي ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ کان ڊي پورٽ ٿي ايندڙن کان ايف آءِ اي ايئرپورٽ تي جاچ ڪندي آهي جيڪڏهن هنن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو هوندو ته انهن کي آزاد ڪيو ويندو آهي، ٻي صورت ۾ ايف آءِ آر به داخل ڪئي وڃي ٿي. هن ٻڌايو ته 2014ع ۾ سعودي عرب مان 32 هزار 190، گڏيل عرب اماراتن مان 1332، اومان مان 1174، ملائيشيا مان 2330، ترڪيءَ مان 1194، يونان مان 389، اٽلي مان 62، ڪويت مان 74، جرمني مان 221، سريلنڪا مان 161، عراق مان 35، يوگنڊا مان 57، آسٽريليا مان 7، آئرلينڊ مان 76، سوئيٽزرلينڊ مان 120، بحرين مان 136، روس مان 94، آمريڪا مان 124، ڪويت مان 74 ۽ هانگ ڪانگ مان 61 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو. هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ ويجيلنس سيل ڪم ڪري رهيو آهي ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. سينيٽر اعظم سواتي جي سوال جي جواب ۾ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته نادرا پاڪستان جو هڪ مستنند ادارو آهي، ان ۾ موجود ڪارين رڍن جي خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گهرو وزارت پاران ايوان کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۽ سنڌ جي هٿيار لائيسنسن بابت انگ اکر نادرا وٽ محفوظ آهن، ڊرائيونگ لائيسنس هڪ طريقيڪار موجب جاري ڪيا وڃن ٿا، جاري ڪيل ڊرائيونگ لائيسنسن جي حوالي سان انگ اکر نادرا وٽ موجود نه آهن. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:19