وزيراعظم اباڻي گهر جي سارسنڀال تي سک خاندانن جا ٿورا مڃيا

وزيراعظم اباڻي گهر جي سارسنڀال تي سک خاندانن جا ٿورا مڃيا

ڪٽاس راج (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارت جي ڳوٺ جاتي امراء ۾ سندس اباڻي گهر جي مناسب سارسنڀال ڪرڻ تي سک خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ڪالهه اربع ڏينهن هتي ڪٽاس راج هندو مندر ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم حاضرين کي ٻڌايو ته ڀارت ۾ سک خاندان جهڙي طرح سندس اباڻي گهر جي سارسنڀال ۽ تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي هو دل جي گهراين سان انهن جو ٿورائتو آهي. وزيراعظم ذڪر ڪيو ته امرتسر ويجهو هڪ ننڍو ڳوٺ جاتي امراء سندس والد ميان محمد شريف جي پيدائش جي جاءِ هئي جن جي رهائشگاهه کي هاڻي سک برادري جي عبادتگاهه گورڌوارا ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان گهر جي چوکٽ کي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ سک خاندان پاران شريف فيملي کي پيش ڪيو ويو ۽ پاڪستان ۾ انهن جي رائيونڊ جي رهائشگاهه جنهن کي بعد ۾ جاتي امراء جو نالو ڏنو ويو ان ۾ هنيو ويو. وزيراعظم چيو ته سندس ڀاءُ ميان شهباز شريف ڪجهه سال اڳ ڀارت جي ڳوٺ جاتي امراء ۾ پنهنجي پڙڏاڏي جي قبر تي پڻ ويو هو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:09