قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ايف بي آر جي چيئرمين پاران ٻڌايو ويو آهي ته بنا آڊٽ خود تشخيصي نظام ختم ڪري رهيا آهيون، آڊٽ جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، اليڪٽرانڪ سسٽم ذريعي غلط ايڊجسٽمينٽ کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته پي اي سي ايف بي آر کان سمورن سرڪاري ادارن ڏانهن رهيل بقايائن جا تفصيل طلب ڪندي هدايت ڪئي ته ريڪورين جي حوالي سان عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي پيروي جي لاءِ ماهر وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شيخ روحيل اصغر، شفقت محمود، ڊاڪٽر عارف علوي، محمود خان اچڪزئي، راجا جاويد اخلاص، شاهده اختر علي، جنيد انوار چوڌري، محمد پرويز ملڪ، ڊاڪٽر عذرا فضل، سيد نويد قمر ۽ سردار عاشق حسين گوپانگ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. آڊٽ عملدار پاران ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس جي قاعدي تحت گئس جي اصل قدر ۾ 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس سي اين جي اسٽيشنن کان وصول ناهي ڪئي وئي. ان تي ايف بي آر چيئرمين نثار خان چيو ته ان حوالي سان ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سيد خورشيد شاهه چيو ته اهڙي طرح ته معاملو لٽڪيل رهندو ڇو ته عام وڪيل جي ڀيٽ ۾ ڪروڙ رپيا وٺندڙ وڪيل ئي ڪامياب ٿيندو. ايف بي آر کي گهرجي ته اهڙي قسم جي ڪيسن جي پيروي جي لاءِ سٺن وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ لا ڊويزن کان اجازت ورتي وڃي. هن چيو ته اسان اٽارني جنرل کي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪو ٺوس حل ڪڍيو وڃي. سردار عاشق حسين گوپانگ چيو ته 4 ارب رپين جو آڊٽ اعتراض جن جي غلطي سبب ٺهيو آهي انهن جي خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي وئي، ايف بي آر کي اها ڳالهه به نظر ۾ رکڻ گهرجي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايف بي آر هڪ وڏي ڪيس کي ري اوپن ڪرايو، جتي ڪارروائي ڪرڻي هوندي آهي اتي اسان ضرور ڪندا آهيون. هن چيو ته هتي آڊٽ کانسواءِ خودتشخيصي نظام لاڳو هو هاڻي ٻيهر آڊٽ جو نظام شروع ڪيو آهي، اسان اهڙو اليڪٽرانڪ نظام شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان غلط ايڊجسٽمينٽ نه ڪرائي سگهبي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 120 ارب رپين جي ايڊجسٽمينٽ جا انگ اکر اسان جي سامهون آيا آهن. پي اي سي هدايت ڪئي ته گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ۽ منسٽري ٽو منسٽري بقايائن جي ڪليئرنس جي لاءِ ڪو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي. پرويز ملڪ چيو ته عدالتون ڪيسن ۾ موجود ڪوتاهين سبب منع ناما جاري ڪن ٿيون. ايف بي آر کي قانونن ۾ موجود ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ گهرجي. پي اي سي چيئرمين ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته ڪهڙي اداري کان هنن کي ڪيتري ريڪوري ڪرڻي آهي ان جا تفصيل پي اي سي کي ڏنا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ ايف بي آر چيئرمين چيو ته آمدني جي تشخيص ڪليڪٽر ڪندو آهي جنهن کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي. عدالت به ان حوالي سان معاملو ايف بي آر ڏانهن موڪليندي آهي. آڊٽ عملدارن چيو ته ايف بي آر جي ايس آر اوز ۽ قانونن کي نظر ۾ رکي اها آڊٽ ڪئي وڃي ٿي. محمود خان اچڪزئي چيو ته 5 ارب رپيا تمام وڏي رقم هوندي آهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته اپيليٽ ٽربيونل سان ايف بي آر رجوع ڇو نه ڪيو، ايف بي آر چيئرمين چيو ته اسان ڪيترائي ڪيس عدالتن ڏانهن موڪليا آهن. هن چيو ته عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن کانسواءِ ٻين ڪيسن جي 92 سيڪڙو ريڪوري ڪري ورتي آهي، 8 سيڪڙو ڪيسن جي 226 ملين رپين جي ريڪوري باقي آهي. پي اي سي هدايت ڪئي ته اها ريڪوري به يقيني بڻائي وڃي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:46