اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون: وزيراعظم محمد نواز شريفب

اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون: وزيراعظم محمد نواز شريفب

ڪٽاس راج (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان کي عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي سڃاتو ويندو، قوم کي اونداهي ۾ وٺي ويندڙن ۽ ترقي جو رستو روڪيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، اسان رڪجڻ وارا نه آهيون، اسان مخلوق جي بهتري، خوشحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، پوري ملڪ جي موٽرويز اسان جي هٿن سان ٺهڻي آهي، 1999ع ۽ 2013ع جي وچ واري مدي ۾ ڪا موٽروي نه ٺهي، 2013ع کان اڳ روزانو بم ڌماڪا ٿيندا هئا، مسلمان مسلمان جو ڳلو ڪاٽي رهيو هو، الله اسان جي مدد ڪئي ۽ دهشتگردي به ضابطي ۾ اچي رهي آهي، پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن جو اعتراف دنيا جا ناليوارا ادارا ڪري رهيا آهن، معاشي انگ اکر پهرين کان ڪيترائي ڀيرا بهتر ٿيا، واڌويجهه جي شرح جيڪا گذريل سال 4.7 سيڪڙو هئي اها هن سال 5.5 سيڪڙو ٿي ويندي ۽ ايندڙ ٻن سالن ۾ 7 سيڪڙو کان وڌي ويندي، بابا گرونانڪ ۽ گنڌارا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون فراهم ڪنداسين. هو ڪالهه اربع ڏينهن ڪٽاس راج جي دوري جي موقعي تي واٽر فلٽريشن پلانٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين صديق الفاروق، ايم اين اي ڊاڪٽر درشن، اسفن يار ڀنڊارا ۽ اقليتي برادرين جا نمائندا به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو سمورن پاڪستانين جو وزيراعظم آهي ۽ اهو سندس مذهبي فرض آهي ته هو ملڪ جي هر شهري جو بنا ڪنهن فرق جي خيال رکي. هن چيو ته آثار قديمه جي حوالي سان ڪٽاس راج کي وڏي اهيمت حاصل آهي جيڪو 4 تهذيبن جو سنگم آهي، اڄ جو ميڙ پوري دنيا کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي برابر جو شهري سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو. هن چيو ته سموريون اقليتون پاڪستان جي دفاع، امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪم ڪري رهيون آهن، اسان سڀ پاڪستان جي تعمير ۾ هٿ ونڊائي رهيا آهيون. هن چيو ته مذهب سڀني جو پنهنجو پنهنجو پر انسانيت اسان جي گڏيل اساس آهي، آئون ذاتي طور تي اقليتن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندو آهيان، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جون خوشيون ۽ ڏک ساڳيا آهن. وزيراعظم محمد نوازشريف چيو ته هو بابا گرو نانڪ ۽ گنڌارا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان کي عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي مڃيو ويندو. هن چيو ته حضور صه اقليتن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي، هر مذهب احترام، اتحاد ۽ اتفاق جو درس ڏي ٿو، غلط سبق ڪنهن کي نه پڙهائڻ گهرجي ۽ نه ئي سيکارڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف مذهبن جون مقدس جايون موجود آهن، ان حوالي سان هن صديق الفاروق کي واضح هدايت ڪئي آهي ته پرڏيهي ياترين جي ميزباني ۽ انهن جي مذهبي جاين جي تحفظ، سارسنڀال ۽ توسيع جي سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، اقليتن جي خدمت سان پاڪستان مضبوط ٿيندو ۽ ان نيڪ ڪم سان الله تعاليٰ به خوش ٿيندو. هن چيو ته موجوده حڪومت کي باقي رهيل مدي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ڇو ته ماضي جي حڪومتن ڪجهه نه ڪيو، اهي پاڪستان کي اونداهي طرف وٺي ويا، 16، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، قوم کي اونداهي ۾ ڌڪيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو ۽ اڄ جيڪي ترقي جو رستو روڪي رهيا آهن انهن کي به جواب ڏيڻو پوندو، اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان رڪجڻ وارا نه آهيون، اسان مخلوق جي بهتري، خوشحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ اندر بيروزگاري ۽ غربت گهٽ ٿي رهي آهي، تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، نئون پاڪستان ٺاهيندڙ ڪجهه نه ٺاهي رهيا آهن، اهو سڀ اسان ٺاهي رهيا آهيون، جيڪڏهن هو چوندا ته اسان سندن نالي جون تختيون به لڳرائي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايو پيو وڃي، انشاءَ الله پوري ملڪ جي موٽرويز اسان جي هٿن سان ٺهڻي آهي، 1999ع ۽ 2013ع جي وچ واري مدي ۾ ڪا موٽروي نه ٺهي، اسان جي حڪومت جي موجوده ساڍن ٽن سالن ۾ موٽرويز ٺهي رهي آهي. هن چيو ته 2013ع کان اڳ روزانو بم ڌماڪا ٿيندا هئا، مسلمان مسلمان جو ڳلو ڪاٽي رهيو هو، الله اسان جي مدد ڪئي ۽ دهشتگردي به ضابطي ۾ اچي رهي آهي، پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن جو اعتراف دنيا جا ناليوارا ادارا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ جا معاشي انگ اکر اڳ کان ڪيترائي ڀيرا بهتر ٿيا، واڌويجهه جي شرح گذريل سال 4.7 سيڪڙو هئي اها هن سال 5.5 سيڪڙو ٿي ويندي ۽ ايندڙ ٻن سالن ۾ 7 سيڪڙو کان وڌي ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي محفوظ ٿي چڪو آهي ۽ ان جون رونقون بحال ٿي رهيون آهن، ملڪ ۾ 50 جديد ترين اسپتالون قائم ڪيون پيون وڃن، تعليم جي معيار کي بهتر ۽ شاگردن جي لاءِ ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون پيو وڃن. هن چيو ته ڪنهن جو عيب ڳولڻ نه گهرجي ڇو ته غيبت جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ واضح لکيل آهي ته غيبت ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ ۽ الزام هڻڻ کان به اسان جي دين منع ڪئي آهي. اسلام ڪنهن جي مذهب ۽ عبادت کي خراب چوڻ لاءِ منع ڪيو آهي، ان کان وڏي انسانيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته روزانو رات جو ٽي وي چينلز تي گند اڇلايو وڃي ٿو ۽ ماڻهن جي مٽي پليد ڪئي وڃي ٿي، سياست ۾ به اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جيڪي روز نئون ڪوڙ ڳالهائين ٿا ۽ هر روز نئون الزام هڻن ٿا، اهڙين ڳالهين سان انهن کي کي فائدو نه پهچندو، اسان کي پاڻ کي به جهنجهورڻ گهرجي ۽ اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته اڄ پوري ملڪ ۾ مذهبي برابري ۽ رواداري جي فضا قائم آهي، سمورن اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي ۽ پنهنجي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ۾ اقليتن جي ڀلائي لاءِ مختلف قدم کنيا ويا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف ڪٽاس راج ۾ هندوئن جي تاريخي مندر جا مختلف حصا ڏٺا ۽ واٽر فلٽريشن پلانٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن ڪٽاس راج ۾ ٻوٽو پڻ هنيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:36