پاڪستان هر سطح تي انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ تي گهري وابستگي رکي ٿو: صدر ممنون حسين

پاڪستان هر سطح تي انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ تي گهري وابستگي رکي ٿو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان هر سطح تي انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ تي گهري وابستگي رکي ٿو. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته انساني عظمت جي بالادستي، انساني حقن جو تحفظ ۽ انساني آزادي ۽ برابري اسان جي مذهب جا بنيادي اصول آهن، پاڪستان جو آئين رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي آزادي ڏئي ٿو. پاڪستان حڪومت رياست جي هر شهري کي ان جي بنيادي حقن جو تحفظ فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سڀ هن ڏينهن ان عزم کي ورجايون ته هڪ باشعور ۽ ذميوار معاشري ۾ انفرادي ۽ اجتماعي طور تي انهن سمورن چئلينجن ۽ عنصرن جو خاتمو ڪنداسين جيڪي ماڻهن جي بنيادي حقن جي لاءِ خطري جو سبب آهن، اسان کي پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ته جيئن معاشري جي انهن حصن کي جيڪي خطري ۾ ورتل آهن، انهن کي قانوني، انتظامي، اداراتي، بنيادي ڍانچو فراهم ڪريون ته جيئن هو هڪ پرسڪون ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهن. صدر چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم فيبروري 2016ع ۾ انساني حقن جو ايڪشن پلان منظور ڪيو جنهن کي ان جي روح موجب لاڳو ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سمورن حصيدار ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ کي ترجيح ڏين ۽ ان قومي فرض ۾ اسان جو ساٿ ڏين. صدر ان ڏينهن جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ تي گڏيل قومن کي ساراهيندي انهن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. صدر چيو ته هو انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن جو اعتراف ڪندي انهن کي ساراهين ٿا.