سينيٽ جي قومي تحفظ خوراڪ ۽ تحقيق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قومي تحفظ خوراڪ ۽ تحقيق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9دسمبر2016ء) سينيٽ جي قومي تحفظ خوراڪ ۽ تحقيق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي زمين جي حوالي سان سفارشن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سي ڊي اي جي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد، پي اي آر سي جي 1400 ايڪڙ زمين جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپوٽ تي سي ڊي اي سان عملدرآمد، پلانٽ بريڊرز رائيٽس ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان رولز ٺاهڻ جي موجوده صورتحال، ڪمشنر ڪاٽن جي رپورٽ جي معاملن کانسواءِ سنڌ صوبي ۾ پلانٽ ڪنري مرچ کي خشڪ ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سان موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر محمد محسن خان لغاري، گل بشريٰ، حمزه، مشاهد الله خان، مختار احمد ڌامراهه کانسواءِ قومي تحفظ خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري، ميمبر پلاننگ سي ڊي اي، ڪمشنر ڪاٽن ڊاڪٽر عبدالله، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پلانٽ ڪنري محمد ذيشان کانسواءِ ٻيا اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.