اسلام اسان کي انساني حقن جي پاسداري جي تعليم ڏي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام اسان کي انساني حقن جي پاسداري جي تعليم ڏي ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسلام اسان کي انساني حقن جي پاسداري جي تعليم ڏي ٿو، موجوده حڪومت انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻا قدم کڻي رهي آهي. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن عالمي انساني حقن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. گڏيل قومن پاران 1948ع کان انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد دنيا جي قومن جو ڌيان انساني حقن ۽ انساني قدرن جي تحفظ طرف ڏيارڻو آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن پاران انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات کان تمام گهڻو اڳ اسان جي مذهب اسلام انساني حقن جي پاسداري جي تعليم ڏين آهي. هن چيو ته مون سدائين انساني آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي ۽ سڀني جي لاءِ انصاف جي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ته مون سدائين امتياز ۽ شدت پسندي جي خلاف گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اسان جي حڪومت قائداعظم جي ويزن موجب پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان پرامن گڏيل بقاءَ جو اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ آهيون جتي سمورن انسانن کي برابر جو درجو حاصل هجي ۽ ذات، نسل، رنگ، مذهب ۽ صنف جي بنياد ي انهن سان فرق نه ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي سميت تمام گهڻا چئلينج درپيش آهن. هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان پنهنجي علائقائي ۽ عالمي ذميوارين کي پوري طرح آگاهه آهي ۽ اسان انساني حقن جي حوالي سان ڪنوينشنز تي مناسب طور تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جي منصوبي تحت نوجوانن جي لاءِ موقعا ڪيا پيا وڃن ته جيئن انهن کي بااختيار ۽ ان قابل بڻائي سگهبو ته هو قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙي طرح اسان نوجوانن جي لاءِ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو قومي تعميري عمل جو حصو بڻجي سگهن. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي لاءِ ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي جنهن تحت پاليسي ۽ قانوني سڌارن، انساني حقن جي تعليم، آگاهي، تحقيق ۽ ميڊيا جي ذيعي موجوده مڪينزم ۾ ڍانچاجاتي تبديليون ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ قومي انساني حقن جا ادارا قائم ڪرڻ ۽ مضبوط بڻايا پيا وڃن. هن چيو ته موجوده حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ تمام قانوني قدمن کي پڻ يقيني بڻائي رهي آهي. مون کي يقين آهي ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ سان ان ڏينهن جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ٿيندو.