قائد جو هفتو ملهائڻ ۾ وزارت اهم ڪردار ادا ڪندي: مريم اورنگزيب

قائد جو هفتو ملهائڻ ۾ وزارت اهم ڪردار ادا ڪندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7دسمبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 19 ڊسمبر کان قائد جو هفتو ملهائڻ ۾ اطلاعات واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪندي. ڪالهه اربع ڏينهن هتي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته قائد جي ولادت جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو خاص طور تي ٻار شرڪت ڪندا ڇو ته نئين نسل کي عظيم قائد جي تصورن، شخصيت ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ قائد جي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ ۽ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ خصوصي پروگرام منعقد ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته قائد جا اصول اتحاد، هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جي نصب العين جي اصول جي لاءِ مشعل راهه آهن. ٻين تقريبن ۾ قائد جي تصوير جي مصوري جا مقابلا، تقريري مقابلا، قائد جي زندگي بابت ڪوئيز پروگرام ٻارن جي لاءِ پپٽ شو، ٽيبلوز ۽ قومي ترانا ۽ گيت شامل هوندا. اجلاس ۾ قائد جي ولادت جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ تيارين جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. تقريبن جو موضوع قائد جو پاڪستان آهي.