وزيراعظم پاران جهاز حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران جهاز حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف حويليان لڳ جهاز جي حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس اظهار ڪيو آهي. جهاز چترال کان اسلام آباد اچ رهيو هو ته حويليان وٽ حادثي جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف فوري طور تي امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي جڏهن ته وزيراعظم حادثي جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.