اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اکتوبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين، پاڪستان جي عوام وڏي دل رکي ٿي ۽ فلاحي ادارن کي دل کولي عطيا ڏي ٿي، عطيا ڏيڻ جي معاملي ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ انهن ادارن کي عطيا ڏيڻ گهرجن جيڪي روشني ۽ محبت پکيڙين ٿا، اهڙن ادارن کي عطيا ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي جيڪي اونداهي ۽ نفرت پکيڙي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته آئون اڄ اهڙي اداري ۾ موجود آهيان جتي ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪئي پئي وڃي ۽ مون کي خوشي آهي ته اداري جي سربراهه جو تعلق پڻ خصوصي ماڻهن مان آهي ۽ هو مسئلن کي چڱي ريت سمجهي ٿو. هن چيو ته هي معاشري جا طاقتور ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي معذوري سان وڙهي ٻين جي لاءِ رهنمائي جو ذريعو بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ معذوري جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، آئون اهو چاهيان ٿو ته هن لفظ کي پنهنجي زبان ۽ ڪلام مان ختم ڪيو وڃي ۽ ان جي متبادل خصوصي ماڻهو جي لاءِ سٺا لفظ استعمال ڪيا وڃن. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته پاڪستان جي عوام وڏي دل رکندڙ آهي ۽ اها دل کولي عطيا ڏي ٿي. هن چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان عطيا ڏيڻ جي معاملي تي بي احتياطي ٿي رهي آهي اسان کي صحيح ماڻهن کي عطيا ڏيڻ گهرجن، اهڙن ادارن کي جيڪي روشني ۽ محبت پکيڙين ٿا، اهڙن ادارن کي عطيا ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي اونداهي ۽ نفرت پکيڙي رهيا آهن. هن چيو ته توهان جي عطين سان هلندڙ ڪجهه ادارا نفرت ۽ انتشار جي تعليم ڏئي رهيا آهن جنهن کي روڪڻ جي لاءِ اهڙن ادارن جي مالي تعاون کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي هن ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيندڙ پوليو ورڪرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هنن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي انسانيت جي خدمت ڪئي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن ۾ ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد تعليم ڏني پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ايجاد انسانيت جي ڀلائي لاءِ آهن، انتشار ۽ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ نه آهن. بعد ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن ۾ قائم مختلف شعبن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي چيئرمين شاهد احمد ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پوليو ورڪرز انسانيت جي عظيم خدمت ڪري رهيا آهن، هو پئسن جي لاءِ نه پر خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي قوم جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري رهيا آهن ته جيئن ملڪ مان پوليو جو خاتمو ممڪن بڻجي سگهي.