پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ واري پاليسي تي ڪاربند آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ واري پاليسي تي ڪاربند آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ واري پاليسي تي ڪاربند آهي، والاريل ڪشمير جو تڪرار پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو آهي ۽ ان جي حل سان خطي ۾ پائيدار امن يقيني ٿيندو. هن اها ڳالهه برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سر مارڪ لائل گرانٽ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ويراعظم نواز شريف چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڪيل واعدن موجب ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن تحت حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته هي انتهائي موزون وقت آهي ته والاريل ڪشمير جو پراڻو مسئلو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي قراردادن ۾ ڏني وئي آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ 100 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميرين کي وحشياڻي طور تي شهيد ڪيو ويو، ڇرن وارين بندوقن جي استعمال سان سوين ماڻهن کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي برطانوي قومي سلامتي جي صلاحڪار سر مارڪ لائل گرانٽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين تي خراج تحسين پيش ڪندي ان جنگ ۾ ذڪر جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي حڪومت کي ساراهيو. هن دهشگردن جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڻٿڪ قربانين کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي حمايت سان سياسي حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي عزم جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون مليون آهن. سر مارڪ لائل گرانٽ وزيراعظم کي آءِ ايم ايف سپورٽ پروگرام جي ڪامياب پڄاڻي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڊي ايف آءِ ڊي کان اهو ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي ته پاڪستان صحت ۽ تعليمي شعبن ۾ شاندار بهتري آڻي رهيو آهي. قومي سلامتي جي صلاحڪار وزيراعظم جي پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاليسي کي ساراهيندي چيو ته اسان پاڙيسرين سان پرامن تعاون جي لاءِ تعاون جي ڪوششن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪريون ٿا.