پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صورتحال غير سنجيده

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صورتحال غير سنجيده

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06اکتوبر2016ء) والاريل ڪشمير جي صورتحال تي گهرايل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪالهه خميس ڏينهن صورتحال ان وقت غير سنجيده ٿي وئي جڏهن سينيٽر اعتزاز احسن ڪشمير جي موضوع کان هٽي تقرير ڪئي، مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان ان جي ڪجهه نقطن جو جواب ڏيندي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور جا ڪجهه تاريخي حوالا ڏنا جنهن تي پيپلزپارٽي جا ميمبر ڀڙڪي اٿيا ۽ هنن ايوان ۾ نعري بازي شروع ڪري ڇڏي، ان دوران مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته حڪومت کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر کي تنقيد ڪرڻي هوندي آهي پر حڪومت کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪريون ٿا، پيپلزپارٽي جي ميمبرن سيد خورشيد احمد شاهه جي قيادت ۾ ايوان مان ٻاهر وڃڻ لڳا ته جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو ۽ هن پيپلزپارٽي کي واڪ آئوٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ان دوران سينيٽ ۾ قائدايوان راجا ظفر الحق، وفاقي وزيرن شيخ آفتاب احمد، ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي، ميان عبدالمنان ۽ ٻين ميمبرن مخالف ڌر وٽ کين واڪ آئوٽ نه ڪرڻ تي راضي ڪيو، ان کانپوءِ ايوان ۾ صورتحال معمول تي اچي وئي، اسپيڪر به چيو ته ڪشمير جي موضوع کان هٽندي محمود خان اچڪزئي، چوڌري اعتزاز احسن ڳالهه ڪئي مون انهن کي به روڪيو ۽ پوءِ مشاهد الله خان به ان جي جواب ۾ جڏهن هي طرز عمل اختيار ڪيو ته مون کيس به روڪيو، سينيٽ ۾ قائدايوان راجا ظفر الحق چيو ته ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته آئون معذرت ڪريان ٿو. مشاهد الله خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته پارليامينٽ ۾ تنقيد ٿيندي رهندي آهي اهو ئي جمهوريت جو حسن آهي، اسان کي برداشت کان ڪم وٺڻ گهرجي، هن به راجا ظفر الحق جي ڳالهه تائيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن سندس جي ڳالهه تي ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته هو معذرت چاهي ٿو، ان کانپوءِ صورتحال معمول تي اچي وئي.