ڪشمير مسئلي سميت اسلامي دنيا ۾ باهه ۽ رت جي راند کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي ضرورت آهي: مولانا فضل الرحمان

ڪشمير مسئلي سميت اسلامي دنيا ۾ باهه ۽ رت جي راند کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي ضرورت آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05اکتوبر2016ء) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان ڪشمير مسئلي سميت اسلامي دنيا ۾ باهه ۽ رت جي راند کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو جنهن مقصد جي لاءِ وجود ۾ آيو هو اهو مقصد پورو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام تي ڀارتي ظلمن جو عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اڄ پوري قوم ڪشميرين کي اهو متفقه پيغام ڏئي رهي آهي ته هو اڪيلا نه آهن، ڀارت جارحيت ڪئي ته پوري قوم هڪ صف ۾ بيهي ملڪ جو دفاع ڪندي، اڙي حملي جي مذمت جو سبق ڏيندڙن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ، بيگناهه ڪشميرين جو قتلام ۽ پيلٽ گنن جي استعمال تي مذمت ڪرڻ جي توفيق به نه ٿي، ڪشمير مسئلي تي عام راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي سمورن کنڊن ۾ سفارتي وفد موڪليا وڃن. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت پاران پاڪستان تي جيڪو جارحاڻو رويو مڙهيو پيو وڃي ان جو جواب پوري قوم هڪ صف ۾ ٿي جواب ڏي. اڄ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان جيڪو ڪجهه چيو انهن جي مڪمل تائيد ڪندي آئون سمجهان ٿو ته ڪشمير مسئلي سميت جتي جتي رت ۽ باهه جي راند کيڏي پئي وڃي اتي گڏيل قومون مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويون آهن. انهن کي جاڳائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن جنهن مقصد جي لاءِ اهو فورم وجود ۾ آيو هو اهو مقصد پورو ٿئي. هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير ان فورم تي اڪيلائپ جي باوجود ان فورم تي ڳالهه ڪري پنهنجو موقف ڏئي رهي آهي، اهڙي حالت ۾ ان فورم کي احساس ڏيارڻو پوندو ته گڏيل قومن جي توهين ڪئي آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو تمام واضح آهي ته اسان جي موقف جي بنياد گڏيل قومن جي متفقه قراردادون آهن جيڪي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏين ٿيون. پاڪستان خودمختياري جي حق سان گڏوگڏ مسئلي جي حل لاءِ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي پاڪستان تسليم ڪري ٿو پر ڀارت پاران ثالثي سميت ڪنهن به مثبت ڪوشش کان راهه فرار اختيار ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته گڏيل قومن جي فورم تي نواز شريف ڪشمير مسئلي کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو، پوري قوم سندس ان جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اڄ به ڪشميرين کي متفقه پيغام ڏنو پيو وڃي ته توهان اڪيلا نه آهيو پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آهي. ڀارت جيڪڏهن جارحيت ڪئي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام گڏجي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي. هن چيو ته هڪ طرف ڀارت عام ماڻهو جي خوشحالي جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اسان کي ان حوالي سان مقابلي جو چئلينج ڪري ٿو پر تصوير جو ٻيو رخ اهو آهي ته 90 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو آهي. ڪشميري بک ۽ بدحالي ۾ ورتل آهن، هي مسئلو انساني مسئلو آهي ان کي انساني مسئلي جي طور تي ئي ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي چيو پيو وڃي ته اڙي جي مسئلي جي مذمت ڪريون، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جو قتلام، ڇرن وارين بندوقن سان اکيون ضايع ڪرڻ ۽ سوين ڪشميرين کي زخمي ڪرڻ تي اسان کي به اهو پڇڻ جو حق آهي ته دنيا جي ڪنهن به طاقت کي ان ڀارتي ڏاڍ تي مذمت ڪرڻ جي توفيق نه ٿي. اسان دنيا جو ضمير جنجهوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورن کنڊن ۾ پنهنجا نمائندا موڪلڻ جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، رٽائرڊ سفارتڪارن کي سڄي دنيا ۾ موڪلڻ گهرجي. وفد ان ملڪ جي سربراهه سان ملي ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جو پيغام پهچائڻ گهرجي. هن چيو ته مسلمانن تي ظلم کي روڪڻ جي لاءِ پوري مسلمان امت کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مسلم نطريي، ڪلمه طيبه جي بنياد تي قائم ٿيو، اهي ئي ملڪ مسلمان امت جي وحدت جي لاءِ اڳيان وڌن ۽ قيادت ڪن. او آءِ سي جو اجلاس گهرائي مسلمان ملڪن کي بيدار ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان عالمي قراردادون آهن، جيڪڏهن ڀارت ان تي ڳالهه نه ڪري ته اسان جو حق آهي ته دنيا آڏو ان معاملي کي آڻيون. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هو نه ٿو ڄاڻي ته ان معاهدي کي يڪطرفي طور تي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. دريائن تي ڊيم ٺاهي اسان جي زراعت کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان اسان کي متبادل حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ائٽمي طاقتون آهن، جيڪڏهن پاڪستان جي بقاءَ جي وجود کي خطرو ٿيو ته پاڪستان ان طاقت جو استعمال ڪندو. ان حد تائين نه ٿو وڃڻ چاهي عالمي برادري کي به سوچڻ گهرجي. دنيا هٿياربند جنگ برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته افغانستان کان شروع ٿيندڙ جنگ عراق، صوماليه، مالي ۽ پوءِ پاڪستان تائين اچي وئي آهي. ڇا اسلامي دنيا غيرمحفوظ بڻجي وئي آهي يا معيشت تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي 2001ع جون پاليسيون اسان کي ثمر نه ڏئي سگهيون ته پاڪستان دنيا کي ٻڌائي ته اها پاليسي ٺيڪ نه هئي. هن چيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڀارت ان جارحيت تي ڇو لهي آيو آهي. جهڙي طرح مودي مسلمان دشمني جي بنياد تي اليڪشن وڙهيو اهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ مسلمانن جي خلاف اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ ميدان ۾ آهي. ڀارت ۽ آمريڪا سي پيڪ کي نشانو بڻائي رهيا آهن، هن وقت پاڪستان جي اندر به قوتون اڀري رهيون آهن جيڪي چين جي ان وڏي سيڙپڪاري تي سوال اٿاري رهيون آهن ان تي تيزي سان ڪم ٿيڻ گهرجي ته جيئن جلد هدف حاصل ڪري عالمي ۽ پاڙيسري سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي.