سينيٽ جي رياستي ۽ سرحدي علائقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي رياستي ۽ سرحدي علائقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30ستمبر 2016ء) سينيٽ جي رياستي ۽ سرحدي علائقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر محمد صالح شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ ٻين ميمبرن فاٽا جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري سيڪريٽري جي غير حاضري تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر محمد صالح شاهه چيو ته لاڳاپيل عملدار ڪميٽي کي اطلاع به ناهي ڏنو ۽ هي ڪميٽي جو استحقاق مجروح ڪرڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن هن اهم ذيلي ڪميٽي سان بيورو ڪريسي جو اهڙو رويو رهيو ته ان سلسلي ۾ قاعدن ۽ ضابطن تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، هن چيو ته ميمبرن هن اهم اجلاس لاءِ وقت ڪڍيو آهي ۽ عوامي اهميت جا مسئلا جنهن سان گڏ ڏکڻ وزيرستان ايجنسي ۾ ريشنلائيزيشن پاليسي تحت اي ڊي پي کان ترقياتي منصوبن کي خارج ڪرڻ ۽ ڪجهه اسڪيمن کي اڌورو ڇڏڻ جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آڻڻا هئا جنهن تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ پي اينڊ ڊي واري سيڪريٽري جي غير موجودگي ۾ بحث ناممڪن آهي، ڇو ته اهڙن منصوبن جو تعلق سڌو سنئون انهن عملدارن سان آهي، سينيٽر صالح شاهه هدايتون جاري ڪيون ته ايندڙ اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدار پنهنجي حاضري يقيني بڻائين ته جيئن مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي. سينيٽر صالح شاهه چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ريشنلائيزيشن پاليسي کان متاثر ٿي رهيا آهن، اجلاس ۾ سينيٽر هدايت الله، سجاد حسين طوري ۽ تاج آفريدي کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.