سريلنڪا جي ناڻي واري وزير جي اسحاق ڊار سان ملاقات

سريلنڪا جي ناڻي واري وزير جي اسحاق ڊار سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اگست 2016ء) سريلنڪا جي ناڻي واري وزير روي ڪارونائيڪي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي ۽ سارڪ ناڻي وارن وزيرن جو ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اجلاس جي فيصلن سان سارڪ جي تنظيم وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. هن گذريل ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان جي شاندار اقتصادي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سارڪ ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت تي سريلنڪا جي ناڻي واري وزير جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ان جي اسلام آباد ۾ موجودگي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ويجهن ٻطرفن لاڳاپن جو اظهار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا وڏا امڪان آهن. هن ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.