صدر سان سنڌ جي گورنر جي ملاقات

صدر سان سنڌ جي گورنر جي ملاقات

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 18فروری2016ء) صدر ممنون حسين سان سنڌ جي گورنر محمد زبير ڪالهه ڇنڇر ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران سيوهڻ سانحي جي ڏس ۾ صوبي جي عوامي هنڌن جي سيڪيورٽي کي سخت ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. صدر ان موقعي تي چيو ته دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته معصوم انساني جانين سان کيڏندڙ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جا ٻين معاملن، صوبي جي ترقياتي منصوبن ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ صوبي جي ٻين منصوبن کي شامل ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر ان موقعي تي چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل ترقياتي منصوبا گرين لائين ۽ ڪراچي حيدرآباد موٽروي (ايم نائن) جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. صدر چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪ جهڙي ترقي جي ويزن تحت ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جي گورنر ان موقعي تي چيو ته وفاقي حڪومت جي مثبت پاليسين سبب ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ صوبو به ان جي ثمرن مان فائدو کڻندو. هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي سي پيڪ ۾ شموليت سان نه رڳو ان کي جلد ۽ معيار موجب مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر شهرين کي سفر جي جديد ۽ متبادل سهولت پڻ ملندي.