مادري ٻولين جو ڏهاڙو 21 فيبروري تي ملهايو ويندو

مادري ٻولين جو ڏهاڙو 21 فيبروري تي ملهايو ويندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18فروری2016ء) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو ڏهاڙو 21 فيبروري تي ملهايو ويندو. نجي ٽي وي چينل موجب گڏيل قومن تحت پهريون ڀيرو اهو ڏهاڙو 1999ع تي عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو مقصد لساني ۽ ثقافتي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ آهي. تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته مادري ٻولين جي تحفظ سان ئي ثقافت، روايت، افهام تفهيم، رواداري ۽ مڪالمي کي فروع ڏئي سگهجي ٿو ۽ ٻولي ئي اظهار ۽ جديد ترقي ٻين تائين منتقل ڪرڻ جو ذريعو آهي، ان لاءِ بنيادي تعليم جي لاءِ به مادري ٻولي جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي. هن ڏينهن تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ واڪ، سيمينارز، ڊاڪيومينٽريز ڏيکارڻ ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون۔